پڪار پبليڪيشن

پڪار پبليڪيشن

پڪار پبليڪيشن

پڪار پبليڪيشن (ڪتاب): هي ڪتاب استاد لغاريءَ 1982ع ۾، کپري مان شايع ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي ناليوارن اديبن جون ڪهاڻيون، تاثر ۽ شاعري شامل آهي. ڪتاب جي شروع ۾ سرفراز راڄڙ جو انٽرويو ڏنو ويو آهي، جيڪو ڌڻي بخش بروهيءَ جو ورتل آهي.
هن ڪتاب ۾ شوڪت حسين شوري، شرجيل، اڪبر سومري، لياقت رضويءَ، قاضي ممتاز، شاهده ميراڻيءَ، نريش ڪمار ۽ بخشڻ مهراڻويءَ جون ڪهاڻيون شامل آهن.
شاعرن ۾، محترم راشد مورائي، سوز هالائي، منير سولنگي، معصوم سانگهڙائي، بشير سيتائي، قمر ڀٽي، رضا چانڊيو،ج - ع منگهاڻي، نثار بزمي، عرفان مهدي، ڍولڻ راهي، عزيز گوپانگ، نصير مرزا، سميع لنڊ، نورالنساءَ ميمڻ، هنسراج ۽ استاد لغاري شامل آهن. هي ڪتاب آگم پبلشنگ ايجنسي حيدرآباد مان، محترم نثار حسيني، نصير مرزا ، عزيز گوپانگ ۽ هنسراج جي معاونت ۾ شايع ٿيو. 72 صفحن واري هن ڪتاب جي قيمت 5 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو